سيد محمد مبارڪ جيلاني

سيد محمد مبارڪ جيلاني: عالم ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني 1762ع ڌاري گهوٽڪيءَ جي مشهور بزرگ سيد جمال شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. اباڻي خانقاهه ۾ پنهنجن وڏن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين. پاڻ علم تفسير، فقه، حديث ۽ وعظ جو مشهور عالم هو. سڄي زندگي دين جي خدمت ۾ گذاريائين. سندس گادي نشينيءَ واري دور ۾ مير نصير خان بروهيءَ وٽان ڪيترن ئي ساداتن کي ڪڇيءَ ۾ جاگيرون مليون. سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو. وٽس مريدن ۽ عقيدتمندن جا ميڙ هوندا هئا. ڪيترائي طالب وٽس اچي تعليم حاصل ڪندا هئا. خانقاهه جو انتظام بهتر نموني سنڀاليندو هو، اڪثر فيصلا وٽس ٿيندا هئا. پاڻ فيصلي ڪرڻ وقت شرعي احڪامن جو خاص خيال رکندو هو ۽ جماعت کي ديني تعليم پرائڻ جي خاص هدايت ڪندو هو. هن 28 جنوري 1800ع تي وفات ڪئي، سندس مزار وڏي خانقاهه گهوٽڪيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.01.28  عيسوي

عالم ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني 1762ع ڌاري گهوٽڪيءَ جي مشهور بزرگ سيد جمال شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 28 جنوري 1800ع تي وفات ڪئي، سندس مزار وڏي خانقاهه گهوٽڪيءَ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهمير شاهه مٽياروي سيد
عبدالله مري مولانا
عباسي مخدوم عطا محمد
عبدالواحد سنڌي مولانا
دين محمد اديب فيروزشاهي
ابڙو اضعف ھالائي
صنجل هندي
شيخ ورو
عبدالاحد مير
علي محمد ٻاگهلائي مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون